ٺٽوي حافظ ابراهيم

ٺٽوي، حافظ ابراهيم: حافظ ابراهيم ٺٽوي، ٺٽي جو مشهور عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. هو ٺٽي ۾ پڙهيو ۽ قرآن جو حافظ ٿيو ۽ نالو ڪڍيائين. تحفة الڪرام ۾ سندس باري ۾ هن ريت احوال ملي ٿو ، ”علم جي فيض ڪري ايڏي ترقي ڪيائين جو شهزادي دارا شڪوه ولد بادشاهه شاهجهان جو استاد مقرر ٿيو ۽ زماني ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين. تاريخ وفات جو مقرر سال معلوم نه آهي مگر شاهجهان جو زمانو يارهين صدي هجري آهي، جنهنڪري هي بزرگ به انهيءَ صديءَ جي بزرگن مان آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو